حسن حيدرآبادي

حسن حيدرآبادي: مولوي حسن حيدرآبادي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ڪنڊيءَ جو رهاڪو هو. علم جي تلاش ۾ گهران نڪتو. ان وچ ۾ سندس ڪيترا عزيز گذاري ويا، پر ساڻن ڪا به خط و ڪتابت نه ڪيائين. ڏانهنس ايندڙ خط هڪ مٽ ۾ رکندو ويندو هو. علم جي تحصيل ۽ دستار فضيلت حاصل ڪرڻ بعد اهي ڪڍي پڙهيائين ۽ چيائين ته اهي خط پڙهان ها ته يڪسوئيءَ سان علم حاصل نه ڪري سگهان ها.
پاٽ جي قاضي امام علي انصاريءَ حيدرآباد ۾ هڪ مدرسو قائم ڪرايو، جتي مولوي حسن حيدرآبادي سالن جا سال درس ڏيندو رهيو.
سندس درس مان جيڪي فيضياب ٿيا، تن ۾: (1) مولوي قاضي هدايت الله متعلوي، (2) مولوي غلام محمد ملڪاڻي بلوچ، (3) مولوي احمد بن محمد ابڙو، (4)مولوي علامه قاضي اسدالله شاهه ٽکڙائي، (5) مولوي محمد صاحب هالائي شامل آهن.
مولوي حسن حيدرآباد شادي ڪئي، پر کيس ڪوبه اولاد نه ٿيو ۽ علم جي تدريس ۾ زندگي گذاريائين.
هن اهل الله بزرگ 1309هه/1891ع تي وفات ڪئي.


لفظ حسن حيدرآباديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو